اِدريس لغاري

اِدريس لغاري

ادريس لغاري

اِدريس لغاري: ليکڪ، محقق، مترجم ۽ نقاد اِدريس لغاريءَ پھرين فيبروري 1984ع تي هادي بخش لغاريءَ جي گهر، ڳوٺ حاجي سومر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي (ماس ڪميونيڪيشن) ۽ ايل. ايل. بي آهي. هن لِکڻ جي شروعات ٻاراڻن ۽ اَدبي رسالن: گلستان، گلزارِ سنڌ، شاگرد تحريڪ ۽ فرينڊز کان ڪئي. سانگهڙ سماچار (پندرهن روزه اَخبار) ۽ ٻين ۾ ايڊيٽر ۽ اَسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ذوالفقار علي ڀُٽي جي سياست ۽ حڪومت تي هڪ نظر‘، ’بينظير ڀٽو جي سياسي ۽ حڪومتي پاليسين جو جائزو‘، ’سندو ذات جواب‘ (رسول بخش پليجي جي شخصيت تي ترتيب ڏِنل)،، ’ڪراچي مان سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جون سازشون، فيصلا ۽ عمل‘ (1988ع کان ڊسمبر 2021ع تائين)، ’نوڪري ڪندڙ عورتن کي جنسي طور خوفزده ڪرڻ خلاف قانوني مسودو 2010ع‘ (اَنگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو) ۽ ’گهريلو ڏاڍُ جي خاتمي جو بل 2012ع‘ شامل آهن. سندس 300 کان وڌيڪ سياسي، فڪري، اَدبي ۽ تحقيقي مضمون ۽ ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. اِدريس لغاري هڪ تحقيقي، علمي ۽ تربيتي اداري ’سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي‘ ۾ پروگرام آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.02.01  عيسوي

ليکڪ، محقق، مترجم ۽ نقاد اِدريس لغاريءَ پھرين فيبروري 1984ع تي هادي بخش لغاريءَ جي گهر، ڳوٺ حاجي سومر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد مغل
ڀَرَتُ
جعفر خان جمالي
اظهر سولنگي
پٺاڻ ممتاز حسين ڊاڪٽر
ڏاهر راجا
ٽيڊئيس رڪشٽائن
شاهه قاسم بيگلار1
ٽنڊو آغا
بوزدار مسز راءِ ناز علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون